زيب النساءَ

زيب النساءَ

زيب النساءَ2

زيب النساءَ: مشهور سنڌي لوڪ فنڪاره زيب النساءِ نوابشاهه جي غريب آباد محلي ۾ جنم ورتو. زيب النساءَ گائيڪيءَ جي بنيادي سکيا ننڍي هوندي کان پنهنجي ماءُ کان ورتي. گائيڪيءَ جي دنيا ۾ سندس ڳايل پهرين ڪافي ’اديون منهنجو پنهل وٺي ويا‘ کيس شهرت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو. اڳتي هلي ملڪ جي ناليوارن فنڪارن استاد محمد جمن، جيجي زرينا بلوچ، اُستاد محمد يوسف ۽ ٻين ڪيترن ئي فنڪارن سان ملڪ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ نه فقط فن جو مظاهرو ڪيائين پر وڏي شهرت حاصل ڪيائين. سندس گيت آڊيو ڪيسٽن ۽ ريڊيو جي لائبريريءَ ۾ محفوظ آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو